ڪنڌڪوٽ: ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

ڪنڌڪوٽ: ڪچي جي علائقي دراني مھر پوليس پوسٽ تي هٿياربندن حملو ڪري 2 پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي عرفان علي سمون ٻن ڏينهن بعد پوليس ڪارروائي شروع ڪري ڏني، مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻن اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڌاڙيلن جي هڪ ساٿي واجد ڀيو جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ بازيابيءَ بعد گرفتار ٿيل واجد ڀيو سان گڏ جي ايس ايڇ او جهانگير مهر هڪ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ ايس ايڇ او چئي رهيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ گهربل ناهي ۽ جنهن به وڊيو ٺاهي ان کي بند ڪيو وڃي.ٻئي طرف زريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪشمور پوليس ڀيو گينگ سان ڊيل تحت بازياب ڪرايا ويا آهن ڪو به مقابلو ناهي ٿيو آهي رات جو اونداهي فائدو وٺي ڀيو گينگ جو واجد ڀيو کي مالڪن حوالي ڪيو ء بعد م ٻھ پوليس اھلڪارن کي ڇڏي ڏنو ڪا به آپريشن  نه ڪيو ويو آهي