توشه خانه ڪيس: عمران خان اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اڄ به پيش نه ٿيو، عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان اڄ به پيش نه ٿيو، وڪيلن طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.جج ٻڌڻي دوران چيو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو 3 وڳي کان پوءِ ٻڌايو ويندو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄ طلب ڪيو آهي. عمران خان جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري کيس اڄ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.اڄوڪي ٻڌڻي عمران خان جي وڪيل خواجه حارث ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته ائين ناهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي پيش نه پيو ٿئي، اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي، عمران خان کي سيڪيورٽي خدشا آهن، سندس مٿان قاتلاڻو حملو پڻ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ هو زخمي به ٿيو.عمران خان جي وڪيل خواجه حارث حاضري کان ڇوٽ سان گڏ عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي شڪايت ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي.خواجه حارث درخواست ڪئي ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري نٿا ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن ته عمران خان جي خلاف شڪايت ئي داخل ناهي ڪئي. عمران خان خلاف شڪايت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن ڪئي آهي، شڪايت ۾ صرف هدايتون ڏنيون ويون آهن ته عمران خان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيلن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي ۽ دليلن ۾ چيو ته عمران خان کي نوٽيس جاري ٿيندا، پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري ٿي سگهن ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ تائين گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي اڳيان وڌائڻ جي ڊائريڪشن ڏني آهي.واضح رهي ته اڄوڪي پيشي ۾ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به شروع ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي اڄ هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.