وزيراعظم ۽ گهرو وزير کان جان جو خطرو آهي، سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيا آهيون: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي حياتي کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير کان خطرو آهي ان لاءِ سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيا آهيون ڇو ته اسان کي حڪومت تي ڀروسو نه آهي.برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جهڙي طرح پنجاب جي نگران حڪومت اسان جي پارٽي مٿان چونڊ ريلي ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ۽ منهنجي مٿان 80 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت نه آهي. لاهور ۾ سموريون پارٽيون سياسي سرگرميون ڪري رهيون آهن پر نگران حڪومت صرف اسان جي ريلي تي پابندي لڳائي آهي.هن چيو ته هاڻ جڏهن اسان پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ چاهيون ٿا ته ريليون به نه پيون ڪڍڻ ڏنيون وڃن. ڇا اسان ايندڙ چونڊن ۾ چونڊ مهم کان سواءِ حصو وٺون؟ هاڻ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ گهٽ وقت رهجي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان چونڊ جلسن جي حوالي سان پنهنجو سمورو لائحه عمل جلد ڏينداسين.پنهنجي خلاف ڪيسن بابت عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي خلاف داخل ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۾ ڪوبه مسئلو ناهي پر منهنجي حياتي کي خطرو آهي، ان لاءِ عدالت کان تحفظ گهري رهيو آهيان جيڪڏهن هو سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهن ته وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. گهرو وزارت به چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي. مان به عدالت کان اهوئي چئي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي مون کي سيڪيورٽي ڏني وڃي.اڳوڻي وزيراعظم الزام لڳايو ته منهنجي حياتي کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير مان خطرو آهي ان لاءِ سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيو آهيان ڇو ته هن حڪومت تي مون کي ڀروسو نه آهي.وزيراعظم ۽ گهرو وزير تي الزام لڳائيندي عمران خان چيو ته هي مون کي جان کان مارڻ جي سازش ۾ ملوث هئا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي صورتحال آهي، اسان سڀ ان جي مخالفت ڪريون ٿا. مون کي جن مان خطرو آهي انهن کي ئي مون کي بچائڻو آهي. جڏهن 2 ڀيرا لاهور ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ته اتي به سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر نه هئي.