وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه واڌ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ نئين قيمت 272 روپيه في ليٽر ٿي ويندي.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 13 روپيه واڌ کان پوءِ 293 روپيه في ليٽر ٿي وئي آهي جڏهن ته گاسليٽ 2 روپيه 56 پئسا مهانگو ٿي 190 روپيه 29 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي. نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ لاڳو ٿينديون.