اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت ٻين اڳواڻن تي جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد واري سانحي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ 17 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر رمنا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رشيد جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي.ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ٽوٽل 38 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي 17 اڳواڻن تي سي ٽي ڊي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ڪيس ۾ لکيو ويو آهي ته عمران خان 3:30 تي هجوم سان گڏ جوڊيشل ڪمپليڪس پهتو جتي عمران خان سان گڏ ايندڙ هجوم پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو.
مظاهرين پوليس اهلڪارن کان 8 اينٽي رائٽ ڪٽس به ڦري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. مظاهرين پارڪنگ ايريا ۾ بيٺل ٻن سرڪاري گاڏين ۽ 7 موٽر سائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. مظاهرين جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران بيٺل 16 گاڏيون ۽ 4 موٽر سائيڪلون ڏنڊا ۽ پٿر هڻي ڀڃي ڇڏيون.ڪيس ۾ دهشتگردي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.ايف آءِ آر ۾ علي نواز اعواڻ، عامر محمود ڪياني، اسد قيصر، فرخ حبيب، اسد عمر، عمر ايوب، جمشيد مغل، علي امين گنڊاپور، احسان خان نيازي، محمد عاصم ۽ شبلي فراز به نامزد آهن.