ڪراچي: ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستان ۾ سون سستو ٿيو آهي.پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 1 هزار رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 7 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 858 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 77 هزار 726 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1982 ڊالر في اونس آهي.