ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ: مفتي عبدالقيوم قتل، سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون اچي ويا

ڪراچي: جي علائقي گلستان جوهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪستان علماءِ ايسوسيئيشن جي ميمبر ۽ سني علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ مفتي عبدالقيوم کي قتل ڪري ڇڏيو.اڱاري جي ڏينهن صبح سوير گلستان جوهر ٿاڻي جي علائقي بلاڪ 9 مگسي چوڪ ۾ موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 50 سالن جي مفتي عبدالقيوم صوفي نقشبندي کي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو جامع مسجد محمدي مدرسه نوراني اسلامڪ سينٽر جو مهتمم، پاڪستان علماءِ ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ سُني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي اڳواڻ هو.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر موقعي تي پهچي ويا. جڏهن ته شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائيم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو. مقتول جي لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال آندي وئي. پوليس موجب مولانا عبدالقيوم صوفي فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ مسجد مان پنهنجي گهر طرف پنڌ وڃي رهيو هو ته گهر ويجهو ئي موٽر سائيڪل تي سوار 2 نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا.مفتي عبدالقيوم کي هڪ گولي مٿي تي لڳي جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مقتول 4 ٻارن جو پيءُ هو، واقعي کان پوءِ سني علماءِ ڪائونسل جا مرڪزي اڳواڻ، عهديدار، مدرسي جا شاگرد ۽ علائقي جا رهواسي وڏي انگ ۾ موقعي تي پهچي ويا جتي هنن احتجاج ڪيو. قتل واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربند مولانا عبدالقيوم صوفي کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيا آهن. هٿياربندن ويجهو کان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. هڪ جوابدار موٽر سائيڪل تان لهي مولانا عبدالقيوم جي ويجهو آيو ۽ فائرنگ ڪئي جڏهن ته ٻيو موٽر سائيڪل تي ئي ويٺل رهيو.