هن سال بينڪ اڪائونٽ مان ڪيتري رقم تي زڪوات ڪاٽي ويندي؟ نصاب جاري

ڪراچي: پاڪستاني حڪومت هلندڙ سال زڪوات جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سيونگ اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک 30 هزار رپيا رکندڙن جي زڪوات منها ڪئي ويندي.غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت سال 2023 لاءِ زڪوات نصاب جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سيونگ اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک 30 هزار 159 رپيا رکندڙ واهپيدارن جي زڪوات ڪاٽي ويندي جڏهن ته ان کان گهٽ رقم رکندڙ ماڻهو زڪوات جي ڪٽوتي کان آجا هوندا.