پيٽروليم اسڪيم تي آءِ ايم ايف جو اعتراض، حڪومت ردعمل ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سستي فيول پروگرام تي آءِ ايم ايف جو اعتراض نٿو ٺهي.هڪ بيان ۾ مصدق ملڪ چيو ته امير لاءِ تيل مهانگو ۽ غريب لاءِ سستو ڪري رهيا آهيون ۽ ان پروگرام تي ڪا سبسڊي نه هوندي.هن چيو ته غريب ماڻهو کي 100 رپيا في ليٽر رليف جي پروگرام تي ڪم ٿي رهيو آهي، فيول ڪارڊ تي سڌي ريت رليف ۽ ڪوڊ ذريعي رليف ڏيڻ جو جائزو ورتو ويو، ڪوڊ ذريعي فيول جي فراهمي سڀ کان بهتر سمجهي وئي.