آءِ ايم ايف اڃا مطمئن نه ٿيو، پاڪستان وياج جي شرح وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار

اسلام آباد: پاڪستان جي اڳواٽ قدمن کان آءِ ايم ايف اڃا تائين مطمئن نه ٿي سگهيو.اسٽيٽ بئنڪ ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف وياج جي شرح 4 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ پاڪستان هڪ ئي ڌڪ ۾ 4 سيڪڙو وڌائڻ کان انڪار ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 2 قسمن ۾ وياج جي شرح مهانگائي جي حساب سان مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر آءِ ايم ايف نشاندهي ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ پاڪستان ۾ وياج جي شرح مهانگائي جي حساب سان گهٽ آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وياج جي شرح گهٽ ۾ گهٽ 2 سيڪڙو وڌائڻ لاءِ دٻاءُ آهي، جنهن سبب اسٽيٽ بئنڪ شيڊيول کان اڳ ئي 4 اپريل تي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس گهرائيندي، جنهن ۾ وياج جي شرح جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي لاءِ وياج جي شرح وڌيڪ 2 سيڪڙو وڌائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف سان 4 ڀيرا ايم اي ايف پي تي اتفاق ڪيو ۽ اسٽاف ليول معاهدو 9 فيبروري تي ٿيڻو هو.