ڪنڌڪوٽ : جي ڳوٺ ميھر شاھ بڙدي ۾ رات اچانڪ شبير احمد سبزوئي ۽ نظير احمد سبزوئي جي گھر ۾ بجلي شاٽ سرڪٽ مان باھ گھر کي وڪوڙي وئي

ڪنڌڪوٽ : جي ڳوٺ ميھر شاھ بڙدي ۾ رات اچانڪ شبير احمد سبزوئي ۽ نظير احمد سبزوئي جي گھر ۾ بجلي شاٽ سرڪٽ مان باھ گھر کي وڪوڙي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي گھر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گھر ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، گھٽون، بسترا، ھڪ موٽر سائيڪل، سڙي رک ٿي ويا ۽ قران پاڪ به شھيد ٿي پيو، ان حوالي سان گھرن جي مالڪن شبير احمد سبزوئي، نظير احمد سبزوئي دانھيدي چيو رات جو ستل ھئا سين ته بجلي جي بوڊ مان اچانڪ باھ ڀڙڪي اٿي جنهن بعد ٻارن کي بچائي ٻار ڪڍيو سين ۽ گھر ۾ پئيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، ھن احتجاج ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي کي اپيل ڪئي آهي ته تدارڪ ڪري ٿيل نقصان جو آزالو ڪري مدد ڪئي وڃي، جڏهن ته متاثر ٿيل خاندان کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهي ۽ مدد جي اپيل ڪري رھيا آھن، جڏهن ته گھر ۾ موجود عورتون زارون زار روئينديون رھيون