اسلام آباد: صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام جاري ڪري ڇڏيا آهن.صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته سموري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. يوم پاڪستان تي پوري قوم پاڪستان جي باني کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. صدر عارف علوي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم اهو ثبوت آهي ته مسلمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو. يوم پاڪستان اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي يادگيري ڏياريندو آهي. هن چيو ته آزادي وقت اسان ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏنو. مختلف چئلينجز باوجود اسان لاڳيتو محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون.يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سياسي ۽ آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو ۽ ان جو مستقبل آئين جي روح موجب هلندو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو مقدر عظيم بلنديون حاصل ڪرڻ آهي. هن حقيقت بنجڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو. پنهنجو پاڻ کي قومي مقصد لاءِ سنوارڻو پوندو ۽ پنهنجن وڏن جي وراثت موجب جدوجهد ڪرڻ جو ارادو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو قيام يقينن 20هين صدي جو معجزو هو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان هميشه انسانيت کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ عالمي امن جي قيام ۾ هڪ ذميوار قوم جو ڪردار ادا ڪيو آهي.