سکر: ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو ڪار مٿان فائرنگ  مڙس ۽ زال قتل، ڌيءَ کي زخمي، مقتولن جي اڍائي سال اڳ شادي ٿي هئي،

سکر: ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو ڪار مٿان فائرنگ  مڙس ۽ زال قتل، ڌيءَ کي زخمي، مقتولن جي اڍائي سال اڳ شادي ٿي هئي، تفصيل موجب سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بندر روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿيار بندن ڪار ۾  سوار اڪبر علي سولنگي ۽ سندس زال مسمات زينت سولنگي کي هٿيارن جي زور تي روڪي ٽي ٽي پستول جي فائرنگ ڪئي گوليون لڳڻ سبب مڙس ۽ زال قتل ٿي ويا جڏهن ته سندن ڌيءَ ام ڪلثوم گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي واقعي بعد هٿيار بند فرار ٿي ويا قتل واقعي جو اطلاع ملڻ شرط بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او منصور عطار پوليس ٽيم سان گڏ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي نينگري کي سول اسپتال سکر کڻائي آيو ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ مڙس ۽ زال واپس وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.قتل ۾ عورت جو اڳوڻو مڙس  مدد علي گڊاڻي ۽ سندس ساٿي ملوث آهن، ڇو ته مقتول اڍائي سال اڳ گهران ڀڄي پسند جي  شادي ڪئي هئي. سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ سندس مائٽن پاران پسند جي شادي ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن جي اڄ حاضري بعد  عدالت مان واپس اچي رهيا وڪيل به ساڻن گڏ هو جيڪو اکين ڏٺو شاهد پڻ آھي ته هٿيار بندن  وڪيل کي ڇڏي زال