ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ھلندڙ سليڪشن بورڊ ۾ وي سي صديق ڪلھوڙي طرفان پنھنجا نوازي من پسند سليڪشن ۽ ھڪ مخصوص استاد ڌڙي کي فائدو ڏيڻ ايڇ اي سي پاليسي کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين ناانصافين خلاف سنڌ يونيورسٽي جي استادن طرفان آرٽس فيڪلٽي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪرڻ بعد فيڪلٽي مک اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استادن ڊاڪٽر محمد حسين اگھيم ڊاڪٽر جمال الدين منگي ڊاڪٽر نورلدين سومرو ڊاڪٽر وحيد احمد عباسي عرفان احمد شيخ قمرالدين کوکر صبغت الله ڀٽو ۽ ٻين چيو آھي تـ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا موجودا وي سي صديق ڪلھوڙو صرف ھڪ استاد لابي ھٿان يرغمال ٿيل آھي صرف ان لابي جا انتظامي ڪم پوشن سليڪشن ۽ ٻيون مراعتون ملي رھيون آھن باقي استادن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.ھنن چيو تازو سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪا گذريل پنج مھينن کان سليڪشن بورڊ ٿي رھي آھي ۽ ايڇ اي سي پاليسي جيڪا پوري پاڪستان ۾ آھي ان پاليسي کي نظرانداز ڪري يونيوسٽي انتظاميا سوٽا جي سينڊيڪيٽ ميمبر سان ملي ڪري سيليڪشن بورڊ جا ميمبر بـ انھن ھٿان يرغمال بڻجي چيڪا آھن انھن جي معرفت استادن کي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي ان استاد بليڪ ميلرن جا من پسند پنھنجا نوازي ڪري رھيا آھن استادن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي ۽ اھي سليڪشن بورڊ ميمبر خبر ناھي اھڙي نظراندازي تي خاموش آھن چونڊيل باڊي جا مخالف گروپ استادن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي اسان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيون ٿا اھڙي مامري جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نـ ٻئي صورت ۾ اھڙي ٿيندڙ ناانصافي خلاف استاد سراپا احتجاج بڻجندا.