ڪراٺو ويجھو شيخ برادري جي ماڻھن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مبينا بااثرن پاران زمين تي قبضي عورتن تي تشدد ۽ مبارڪپور پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو نعريبازي مھر برادري جا بااثر چار ايڪڙ کاتي واري زمين تي قبضو ڪيون ويٺا آھن عورتن تي تشدد به ڪيو ويو

ٺڪراٺو ويجھو شيخ برادري جي ماڻھن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مبينا بااثرن پاران زمين تي قبضي عورتن تي تشدد ۽ مبارڪپور پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو نعريبازي مھر برادري جا بااثر چار ايڪڙ کاتي واري زمين تي قبضو ڪيون ويٺا آھن عورتن تي تشدد به ڪيو ويو پوليس ابتو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين ٺڪراٺو(رپورٽ) ويجھو شيخ برادري جي ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت مبينا بااثرن پاران زمين تي قبضي عورتن تي تشدد ڪري ٻن عورتن مائي حنيفان زال نبي بخش شيخ ۽ مائي رشيدان زال غلام نبي شيخ کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري وڌو هو جنهنجو مبارڪپور پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور اعجاز جسڪاڻي پاران انهن کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي تان موٽائي ڇڏيو هو مبارڪپور پوليس خلاف ٺڪراٺو پنوعاقل لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ايس ايڇ او مبارڪپور ۽ بااثر مهرن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن محمد مراد رفيق احمد يعقوب علي جاويد علي دلبر مائي ساجده مائي روبينا مائي بخشل مائي رشيدان مائي خالده جلال شيرل شيخ ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته مھر برادري جا بااثر آصف علي خان مھر شاھد علي زوھيب ڇٽل مھر قائم الدين مھر شوڪد مهر ۽ ويهن کان وڌيڪ هٿياربند ساڻ ڪري اسانجي چار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ويٺا آھن ۽ گذريل ڏينھن عورتن تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو ھنن چيو ته مبارڪپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او اعجاز جسڪاڻي بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي ابتو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن آء جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس خارج ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل مھر ڌر جي آصف خان مھر ۽ شاھد مھر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته زمين اسانجي آھي شيخ برادري جا ماڻھو شرپسند ماڻھن جي چوڻ تي ڪوڙي زمين تي مالڪي واري دعوا ڪري رھيا آھن لڳايل الزام بي بنياد آھن.