سکر: تنظيم فڪرونظرسنڌ جي انتظام هيٺ سنڌ اسلامڪ سينٽر مينارا روڊ سکر  فڪر و نظر پبلڪ اسڪول ۾ يوم باب الاسلام مجي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي صدر تنظيم پروفيسراصغرمجاهد مهر چيو ته سنڌ سڳوري ڀاڳن واري صدين کان اسلام جو گهوارو رهي آهي ڏھ رمضان المبارڪ 93هجري جو ڏينهن تاريخ ساز ۽ عهد ساز ڏينهن آهي

سکر: تنظيم فڪرونظرسنڌ جي انتظام هيٺ سنڌ اسلامڪ سينٽر مينارا روڊ سکر  فڪر و نظر پبلڪ اسڪول ۾ يوم باب الاسلام مجي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي صدر تنظيم پروفيسراصغرمجاهد مهر چيو ته سنڌ سڳوري ڀاڳن واري صدين کان اسلام جو گهوارو رهي آهي ڏھ رمضان المبارڪ 93هجري جو ڏينهن تاريخ ساز ۽ عهد ساز ڏينهن آهي جڏهن لشڪر اسلام غازي  محمد بن قاسم جي سپه سالاري ۾ سنڌ فتح ڪري وڏو انقلاب  آندو  جيڪو هن تاريخي عظيم الشان ڪارنامو سرانجام ڏنو  جنهن سان  سنڌ کي باب الاسلام جو ابدي شرف حاصل ٿيو سنڌ جي عوام کي اسلام  جهڙي الله پاڪ جي پسنديده دين سان روشناس ٿيڻو پيو سنڌ جا ماڻهو راجاڏاهر جي ظلمن ۽زيادتين کان تنگ هئا جنهن جي ڪري انهن محمد بن قاسم کي پنهنجو نجات ڏيارڻ وارو  سمجهي هن جي اخلاق ۽ ڪردار کان متاثر ٿي اسلام جي ڏنل آسانين ۽ مساوات محمدي جو سنڌجي ماڻهن تي وڏو اثر ٿيو سنڌ جا ڪيترا قبيلا اسلام جي آغوش ۾  اچي ويا دين حق جي سربلندي لاء مجاهد ۽ مبلغ بڻجي دين کي ڦهلائڻ لاء  دنيا  ۾نڪري پيا تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر محمد علي راڄپر چيو ته غازي محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري قرآن ۽ سنت جو نظام قائم ڪري عدل ۽ انصاف سان سنڌ کي ڀري ڇڏيو ماڻهن کي بتن جي غلامي مان نجات ڏياري مشرڪاڻي نظام کي هميشه لاء ختم ڪرائي هڪ الله جي عبادت جو درس ڏنو اسلام جي حقانيت جڏهن سنڌي ماڻهن تي واضح ٿي ته هزارين سنڌي اسلام جهڙي الاهي دين تي ايمان آڻي مسلمان ٿيا  فضل الله مهيسر چيوته محمدبن قاسم سنڌ فتح ڪري قرآن ۽ فرقان جي تعليمات جي ذريعي سنڌ مان بت پرستي کي ختم ڪيو ماڻهو پڪا ۽ سچا  ۽ کرا مسلمان بڻجي مومن ۽ موحد ٿي ويايوم باب السلام تقريب کي حافظ فتح محمد مهيسر۔ ميرمشتاق علي لنڊ۔ پروفيسر محمد ابراهيم مهر۔ پروفيسر نعيم الله پيچوھو۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔آخر ۾ هيٺيون قرادادون گڏيل راء سان منظور ڪيون ويون جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ اروڙ يونيورسٽيءَ جو نالو محمد بن قاسم رکڻ ۽ يونيورسٽي جي مونوگرام /لوگو مان ظالم فاجر فاسق راجا ڏاهر جو فوٽو فوري هٽائڻ جو مطالبوڪيو ويو، اروڙ جي تاريخي محمد بن قاسم مسجد جي نئين سر تعمير ڪري مسجدجي زمين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ جي گهرڪئي ويئي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تاريخ اسلام ۽ تاريخ سنڌ سان ٿيندڙ ڇيڙ ڇاڙ ختم ڪرائي وڃي، تعليمي ادارن ۾ ملحديت، دهريت جو خاتمو آڻي ثقافت کاتي ۾ ديندار ۽ سنڌ دوست آفيسر سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ماڳن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ سار سنڀال لڌي وڃي، سرڪاري سطح تي 10 رمضان المبارڪ يوم باب الاسلام سنڌ ملهائي عام موڪل ڪئي وڃي، سکر ۾ تنظيم فڪر و نظرسنڌ  جي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر ميناري روڊ تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي واپس ڪيو وڃي ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪري معاوضو ڏنو وڃي، صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان چيف جسٽس پاڪستان چيف جسٽس سنڌ، آرمي چيف، وزير اعلي سنڌ، گورنر سنڌ نوٽيس وٺن۔