سکر: پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي سکر جي وفد ضلعي صدر خورشيد احمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سکر جي زونل مئنيجر قيصر سعيد سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي انفارميشن سيڪريٽري گل حسن کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) سکر جي ضلعي صدر خورشيد ميراڻي قيصر سعيد کي سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن جي عملي پاران عوام سان ڪيل بدتميزي کان آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو عملي کي هدايت ڪندو ته هو عام ماڻهو ۽ عوام کي بهتر سهولتون ڏين ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏني وڃي، عوام کي رمضان شريف جي مهيني دوران رليف ڏيڻ لاء وزيراعظم پاڪستان رليف پيڪج تحت سستو اٽو ۽ ٻئي سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.