لاهور: اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدا کي اينٽي ڪرپشن طلب ڪري ورتو.زرتاج گل کي سندس تڪ جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪميشن وٺڻ جي حوالي سان جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب زرتاج گل ۽ سندس مڙس همايون آخوند تي ترقياتي اسڪيمن جي فنڊز جي فراهمي تي 10 سيڪڙو ڪميشن وٺڻ جو الزام آهي.اينٽي ڪرپشن ڊوالپمينٽ پروگرام(3) اسڪيمن جو رڪارڊ به طلب ڪندي زرتاج گل، همايون آخوند ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن کي 10 اپريل تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف 70 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ 50 ڪلو ميٽر ڊگھي روڊ جي تعمير ۾ بدعنواني ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي 10 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.اڳوڻي وڏي وزير هاوي وي کاتي جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن ڪئي. تعمير ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال سان روڊ وقت کان اڳ زبون حال جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.عثمان بزدار پنهنجي ذاتي رهائشگاهه تي سرڪاري فنڊ مان ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا. هن قبرستان جي چارديواري جي تعمير لاءِ 6 ڪروڙ روپين جا ٺيڪا ڏنا جنهن ۾ ڪميشن پڻ وصول ڪئي وئي. جڏهن ته هن پنهنجي ويجهي مائٽ ڊاڪٽر اعجاز لغاري کي ٺيڪن جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو فائدو پڻ پهچايو.