اوٻاوڙو :ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي پابندي ھجڻ باوجود اوٻاوڙو ويجهو مريد شاخ سنڌ پنجاب بارڊر دائووالا وٽان سنڌ جي روزانو لکين مڻ ڪڻڪ پنجاب منتقل ٿيڻ جو انڪشاف سامھون آيو آهي.تفصيل موجب سنڌ پنجاب بارڊر دائووالا چيڪ پوسٽ وٽان مدينا ايگرو سيڊ صادق آباد جي جعلي ٺپن واري پرمٽ ذريعي روزانو لکين مڻ سنڌ جي ڪڻڪ پنجاب جا ذخيرا اندوز پنجاب طرف منتقل ڪري رھيا آهن. جڏهن ته ھي ڪم ڪڻڪ جو سيزن شروع ٿيندي ئي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڏينھن ڏٺي جو جاري آھي.ذريعن اھا دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته دائووالا چيڪ پوسٽ تي مقرر خوراڪ کاتي سنڌ جا اھلڪار ھزارين روپيا رشوت عيوض اھو ڪم ڪرائي رھيا آهن، پنجاب جي ذخيرا اندوزن کي کلي ڇوٽ پڻ ڏني وئي آهي، انڪري ڪڻڪ جي غيرقانوني چرپر زور ۽ شور سان جاري آهي.