سکر:رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ هنداڻن۔گدرن سميت گلوڪوزڏيندڙ ميون جي گهرج وڌي وئي،خريداري ۾ اضافو واپارين اگهه به وڌائي ڇڏيا، طبي ماهرن موجب هنداڻي۔گدري جو استعمال جسم کي ٿڌو رکڻ سان گڏ ٻين بيمارين کان به بچائيندو آهي. تفصيل موجب سکر شهر ۾ گرمي شروع ٿيندي ئي ٿڌي مشروبات ۽ ميون جي خريداري ۾ اضافو ٿي ويو آهي، گرمين ۾ ڳاڙهي رنگ جي مٺي هنداڻن جو استعمال ٿڌ به ڏيڻ سان گڏ ٻين بيمارين کان به بچاءُ لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي. افطاري ۾ ٻين ميون سان گڏ هنداڻي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ هنداڻن سميت ٻين ميون جا انبار لڳي ويا جتان شھرين سميت ڳوٺن کان ايندڙ ماڻهون به خريد ڪرڻ لڳا جڏهن ته خريداري ۾ واڌ سبب واپارين اگھ به وڌائي ڇڏيا جنهن ڪري مزدور ۽ غريب طبقو ميوا خريڻ کان لاچار بڻجي ويو۔ان ڏس ۾ طبي ماهرن به هنداڻي ۔گدرن سميت ٻين گلوڪوز ڏيندڙ ميون کي افطاري لاءِ به انتهائي مفيد قرار ڏنو آھي هاضمي جي خرابي جي ڪري به هنداڻو۔گدرو۔گرمو۔ اڪثر ماڻهو منجهند ۽ رات جو کاڌو کائڻ کان پوءِ استعمال ڪن ٿا جيڪو فائديمند آهي ۽ اهو جسم جي گرميءَ کي گهٽائڻ به مفيد سمجهيو ويندو آھي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏ ڪيترين بيمارين کان به بچائي ٿو۔