سکر:اسٽيپ فائونڊيشن جي ھيڊ آفيس سکر ۾ وفاقي محتسب اعلیٰ سيد محمود شاهه ۽ ميڊم شائسته بلوچ جن ٻه سو معذور عورتن ، مردن ۽ ٻارڙن ۾ عيد جا ڪپڙا تقسيم ڪيا ، ٻارڙن ۾ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر فار وي آء سي برج ڪالوني سکر جا شاگرد پڻ شامل ھئا ، تمام ڊس ايبل پرسنس ميڊم شائسته بلوچ جن کي دعائون ڏنيون ، محتسب اعلیٰ سید محمود شاھ جن چیو ته اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ انسانيت جي خدمت لاء تمام وڏو ڪم ڪري رھي آھي ، شائسته بلوچ کي ھميشه فيلڊ ۾ مظلومن ۽ بي سھارن جي خدمت ڪندي ڏٺو آهي ، شائسته بلوچ جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھر عيد تي اسپيشل پرسن کي عيد جا ڪپڙا توڙي ٻيا گفٽ ضرور ڏيندا آھيون ، اسان اسپيشل پرسن کي خوشي توڙي غمي ۾ ڪڏھن به نٿا وساري سگھون۔