تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شالو جي علائقي م ٽي ڏينهن اڳ ڪچي کان ڪنڌڪوٽ طرف ايندڙ آء بي اي يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر اجمل خان ساوند کي ساوند کي سندراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري قتل ڪيو ويو ھو واقعي جو سندراڻي برادري جي ماڻهن تي دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون جي ھدايتن تي ڪشمور پوليس ٽئي ڏينهن به سردار خان سندراڻي ء احمد علي خان سندراڻي تي چڙھائي ڪري اوطاق ء گهر کي ڪرين مشين زريعي ڊاھي پٽ ڪيا ويا پر ڪو به جوابدار ھٿ نه آيو ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته جيستائين شھيد مقتول جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ڪاروايون جاري رھندي سندراڻي برادري جي ماڻهن ويڊيو وائرل ڪندي چيو آهي ته اسان جا ھڪ عورت سميت ٽي مڙس قتل ٿيل آهن ڪشمور پوليس اڳ م ڪا ٿي ھئي جڏهن ته اجمل ساوند مارجي ويو آهي ته ڪشمور پوليس جاڳي پئي آهي غريب مسڪينن جا گهر ڊاھي رهي آهي جھيڙو آهي ٻن ڌرين م پوليس گهرن م داخل ٿي گهر ۾ گھڙي ناجائز ڪري رھي آهي ايس ايس پي ڪشمور کي گهرجي ته جوابدار گرفتار ڪري ته ٻن ڌرين جا گرفتار ڪري سندراڻي برادري جي ھٿان مارجي ويل شھيد آء بي اي جي پروفيسر اجمل خان ساوند جي ڀاء ڊاڪٽر طارق علي ساوند ء اشرف علي ساوند رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن کان وٺي اسان جي مقتول کان 20 لک روپيا ڀتو جي گهر ڪندا ھئا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏنيون ھن وڌيڪ چيو ته سندراڻي برادري جي ھٿياربندن ڪار مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري اسان جي ڀاء کي شھيد ڪيو ويو پر اڃا تائين منهنجي ڀاء جا قاتل اڃا تائين آزاد گھمن پيا مقتول شھيد اجمل خان ساوند جي خلاف جسم جي طرفان پريس ڪلب اڳيان گھايل سنڌي ڪامريڊ عباس باجڪاڻي سلطان نندواڻي ء ٻين احتجاج ڪندي چيو ته علم دوست شعور جي روشني ڏيندڙ پروفيسر اجمل خان ساوند جو قتل پوري سنڌ جو نقصان آهي قبيلائي تڪرارن م سنڌ جو ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي قانون جي رٽ تي عمل ڪرائي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي