ڊجيٽل آدمشماري، غير ملڪين کي پاڪستاني شهرين جهڙا حق ڏيڻ ۽ سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف سکر ۾ عوامي تحريڪ طرفان سيمينار. سيمنار کي سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۽ غير ملڪين کي ملڪي شھريت ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ رفيوجي بل 2023ع پيش ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ سکر طرفان سکر پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، سهائي سٿ جي سربراه عائشه ڌاريجو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جو جنرل سيڪريٽري الاهي بخش ميتلو، عوامي تحريڪ جو جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سکر جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاهد شيخ، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جو اڳواڻ مجيد نواز مغل، ڪميونسٽ پارٽي سکر جو اڳواڻ مالڪ کوسو، آصف کوسو، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، علي حسن ٻپڙ، ذوالفقار ڦلپوٽو، ايڊووڪيٽ لطف الله ڦلپوٽو، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ريحانه جتوئي، اصغر ملڪ، قادر ڀٽو، مهراڻ سنڌي، ذوالفقار ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته حڪمرانن هڪڙي منصوبي تحت سنڌ کي غير ملڪين جي آماجگاہ بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جا وسيلا مال ملڪيت مال غنيمت سمجهي لٽيا پيا وڃن. ڊجيٽل آدمشماري وسيلي غير ملڪين کي قانوني تحفظ ڏيڻ سان گڏ محسن داوڙ طرفان قومي اسيمبلي ۾ غير ملڪين کي پاڪستاني شهرين جهڙا حق ڏيڻ جو بل سنڌ مٿان غير ملڪين جي يلغار آهي. هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين جي آبادي گهٽ ڏيکاري پئي وڃي. آدمشماري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي آهي پر سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ آباد سنڌين جي ڳڻپ نه ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين ۾ آدمشماري جي عملي جو نه پهچڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو هر طرفو بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته محسن داوڙ غير ملڪين کي پاڪستاني شهرين جهڙا حق ڏيڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري غير ملڪين کي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو پروانو ڏئي ڇڏيو آهي. ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ جي شديد اعتراضن باوجود وفاقي سرڪار ۽ شماريات کاتو سنڌي عوام جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي. سنڌ سرڪار سنڌي عوام جي نمائندگي بدران غير ملڪين ۽ سنڌ دشمن قوتن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته محسن داوڙ طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ 1940 جي پاڪستان قرارداد تحت هن ملڪ ۾ شامل ٿي هئي ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اهو اختيار ناهي ته هو سنڌين کان سندن تاريخي وطن کسي. ملڪ جو باشعور عوام پاڪستان کي افغانستان بڻائڻ ڪو نه ڏيندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار آدمشماري تي بيان بازي ڪرڻ بدران سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان آدمشماري خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي. سنڌ جو عوام فرمائشي آدمشماري کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪندو. عوامي تحريڪ ضلعي سکر جي صدر ذولفقار ميراڻي خطاب ڪندي چيو تہ ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ سرڪار سنڌ جي سمورن وسيلن تي ڌارين کي قابض ڪري سنڌي ماڻھن کان مالڪاڻا حق پئي کسي. سنڌ ۾ قبائلي جھيڙا ڪرائي دھشتگرد پاليا ويا آھن جيئن سنڌي ماڻھن جو وجود مٽايو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ سنڌ دشمنن جي ناپاڪ سازشن کي ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.