سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن هڪ سياسي جماعت جي طور تي عصر حاضر ۾ هڪ واضح نظريي ۽ پاليسي رکي ٿي موجوده صورتحال ۾ تڪراري چونڊون منعقد ڪرڻ سان ملڪ ۾ افراتفري طرف ڌڪي هلندو اسان چونڊن کان پوئتي هٽڻ

سکر:پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن هڪ سياسي جماعت جي طور تي عصر حاضر ۾ هڪ واضح نظريي ۽ پاليسي رکي ٿي موجوده صورتحال ۾ تڪراري چونڊون منعقد ڪرڻ سان ملڪ ۾ افراتفري طرف ڌڪي هلندو اسان چونڊن کان پوئتي هٽڻ وارا ناهيون پر تمام سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ سامهون آهي ته موجوده چونڊون منعقد ڪرڻ جو درست وقت ناهي، چونڊون پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ٿينديون، عوام کي خبر آهي ته ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال جو اصل ذميوار ڪير آهي، جيڪي عنصر تڪراري انداز سان چونڊون ڪرائڻ ۾ مصروف آهن انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ته اسان چونڊن کان گهبرائڻ وارا ناهيون، اسان ڪيتريون ئي چونڊون وڙهيون ۽ هميشه چونڊجي آياسي نه ڪي سليڪشن سان، ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف ٻين جماعتن سان ملي ڪري ڊرامو رچايو آهي هنن چيو ته فتنه خان ڪڏهن لانگ مارچ، ته ڪڏهن اسلام آباد تي حملي ۽ ڪڏهن اسيمبليون ٽوري ڇڏيندو آهي پنهنجي ضد سان اليڪشن ڪرائڻ چاهي ٿو، صرف پنهنجي هٽ ڌرمي سبب سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي هنن چيو ته اسان اها ضد ۽ هٽ ڌرمي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسي، سياسي جماعتن، سپريم ڪورٽ جي ججن جو اليڪشن تي اتفاق ناهي، پر ٽن ججن پنجاب ۾ 14 مئي جي اليڪشن جو نئون شيڊول ڏئي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن دفاعي ادارن، سيڪيورٽي ادارن کي ان سان اتفاق ناهي ۽ 4 جج ان جي خلاف ۽ 3 جج حق ۾ فيصلو ڏئي رهيا آهن اسان جي راءِ آهي ته اهڙي قسم جي تڪراري اليڪشن ملڪ ۾ افراتفري طرف نه ڌڪي ڇڏين، صوبن جي اليڪشن ضرور ٿيندي پر پنهنجي وقت تي ٿيڻ کپي، تمام اسٽيڪ هولڊرن جي مرضي ۽ اتفاق راءِ سان ٿيڻ کپي، خورشيد ميراڻي وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز شريف جي ڪنڊيان ۾ ڪامياب جلسي مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ڏينهن جي روشني ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ عوام جي وڏي انگ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام ن جي قائد ميان نواز شريف ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو لاهور وارو جلسو نه جلسا هيو مصنوعي روشنين جو سهارو وٺڻ باوجود پاڪستاني عوام نيازي کي رد ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته انشاءَ الله ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي سنوارڻ ۽ ان کي بحرانن مان ڪڍي ترقي طرف گامزن ڪندي.