سکر :روهڙي جي رهواسي ملڪ برادري جي سجاول ملڪ، مسمات حاڪماڻي ۽ مسمات عزيزان پاران بااثر ماڻهن جي زيادتين ۽ مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جي عدم بازيابي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

سکر :روهڙي جي رهواسي ملڪ برادري جي سجاول ملڪ، مسمات حاڪماڻي ۽ مسمات عزيزان پاران بااثر ماڻهن جي زيادتين ۽ مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جي عدم بازيابي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ٻن مهينن کان کنڀي گم ڪيل نوجوان ثناءالله ملڪ کي گم ڪيو آھي ڪجهه عرصو اڳ معمولي ڳالهه تي علائقي جي بااثر سياسي شخصيت سيد عنايت علي شاهه ۽ ٻين اسان جي نوجوان ثناءُ الله کي اغوا ڪري اڻڄاتل هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته پوليس به نوجوان جي بازيابي لاء قدم نه پئي کڻي جنهن سبب ثناء الله جي حياتي کي خطرو آھي مظاهرين چيو ته شڪايتون ڪرڻ تي جوابدار مڇرجي پيو آھي ڌمڪيون پيو ڏئي،هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي ته اغوا ٿيل نوجوان جي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.