سکر : آءِ بي اي يونيورسٽي جي پروفيسرن،اسٽاف ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ پاران مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڦوهارا چوڪ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهري ۾ شامل مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن مٿان قبائلي دهشتگردي ختم ڪيو۔

سکر: آءِ بي اي يونيورسٽي جي پروفيسرن،اسٽاف ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ پاران مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڦوهارا چوڪ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهري ۾ شامل مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن مٿان قبائلي دهشتگردي ختم ڪيو۔مقتول جا قاتل گرفتار ڪريو جا نعري لکيل هئا۔قتل واقعي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي۔ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو پروفيسر به عالم جيتري حيثيت رکيٿو اجمل ساوند جو قتل علم جو قتل آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪيو پيو وڃي پر قاتل گرفتار ناهن ٿيا.آئي سنڌ شھيد جي وارثن کي خاطري ته ڪرائي آھي پر عملي قدم ناهن کنيا قبيلائي دهشتگردي سبب ڪيترائي بي بي گناھ قتل ٿي وڃن ٿا سنڌ مان قبائلي دشمني جي خاتمي ۽ ملوث ماڻهن کي جيسي تائين قانون مطابق سزا نه ملندي ان وقت تائين امن نه ٿيندو آخر ڪيسي تائين برادرين ۾ ويڙاند جاري رهندي واقعي کي هڪ هفتو گذرڻ باوجود وارثن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم نه ڪيو ويو آهي، مظاهرين سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته آء بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انجام تائين پهچائڻ سميت سنڌ مان قبائلي دهشتگردي جو خاتمو آندو وڃي۔