ڪنڌڪوٽ :لڳ ڪچي واري علائقي ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن ڪچي ۾ ڳوٺ عبدالوحيد تلائي (ميربحر) جي ڳوٺ تي سوين سندراڻي هٿياربندن جو قبضو پوري ڳوٺ کي خالي هٿين لڏائي ڇڏيو متاثرن جي عورتن ۽ ٻارن کي گهرن مان مارڪٽ ڪري گهرن کان بيدخل ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، سندن پوري سال جي آمدني ڪڻڪ ۽ بصرن جي فصل تي به قبضو ڪيو ويو قبضي جو مقصد ڪچي ۾ ساوندن جي ڳوٺن کي چئني طرفن کان بند ڪري مٿن فائرنگ ڪرڻ آهي.
ڪچي ۾ سندراڻي قبيلي هٿان ناحق قتل ٿي ويل آء بي اي شھيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند واري واقعي کانپوء ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي ء فائرنگ جو سلسلو جاري آهي