خضدار ۾ روڊ حادثو: عيد جي موڪلن تي گهر ڏانهن ويندڙ 6 پوليس اهلڪار فوت، هڪ زخمي

ڪوئٽه: خضدار جي تعلقي وڊهه ۾روڊ حادثي دوران 6 پوليس اهلڪا فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.رپورٽ موجب ضلعي خضدار جي تعلقي وڊهه ۾ روڊ حادثي دوران 6 پوليس اهلڪار فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ليويز پوليس موجب ڪوئٽه کان عيد جون موڪلون ملهائڻ پنهنجي گهر ضلعي لسبيله ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪارن جي گاڏي وڊهه ويجهو تيز رفتاري سبب ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.ليويز پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال وڊهه منتقل ڪيو ويو آهي جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ سندن لاش لسبيله ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو وڊهه ويجهو قومي شاهراهه تي روڊ حادثي ۾ ٽريننگ هيٺ 6 پوليس اهلڪارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سوڳوار خاندان سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پوئينرن سان گڏ آهيون. هن انتظاميه ۽ صحت کاتي کي فوري طور تي امدادي سرگرمين ۽ زخمين کي بهترين علاج ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.عبدالقدوس بزنجو چيو ته دعا آهي ته رب پاڪ مرحومن کي مغفرت ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪوئٽه ڪراچي روڊ تي حادثن ۾ اضافو ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڳڻتي آهي.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست آهي ته روڊ کي ٻطرفو بنائڻ جي منصوبي تي عمل تيز ڪري ان کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير موٽر وي پوليس ۽ انتظاميه کي حادثن کي روڪڻ جي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت به ڪئي.