ڏکڻ وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: ڏکڻ وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي خيبر پختونخوا جي ضلعي وزيرستان جي علائقي رزملان ۾ آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشتگردي مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردي ۽ معصوم شهرين جي قتل جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيندڙ جوانن ۾ لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله شامل آهن.