سکر : مقتول پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي سلسلي ۾ جي ڊبليو سي،جرنلسٽس رائيٽرس ، پيس اينڊ جسٽس سکر ڊويزن ۽ سول سوسائٽي سکر پاران آرگنائيزر شوڪت نوناري جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي وئي،مظاہرہهري ۾ شامل مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ان تي انصاف ڏيو ۔قاتل گرفتار ڪريو جا نعرا لکيل هئا۔اڳواڻن ۽ احتجاج ڪندڙن لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته مقتول اجمل ساوند جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، پر وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آھي هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي۔