سکر : ٿرمل ڪالوني پراڻي سکر جي رهواسي چوهاڻ برادري جي ماڻهن پاران روهڙي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ۽ وارث محمد۔ شريف چوهاڻ جو چوڻ هو ته. ملڪيت جي تڪرار واري مامري تان روهڙي پوليس اسان جي مائٽ عبدالوهاب چوهاڻ کي بيگناهه گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي.هنن ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي بيگناھ گرفتار عبدالوهاب چوهاڻ کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔