وزيراعظم جو کنڊ جي اسمگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون جي منظوري

لاهور: وزيراعظم، کنڊ جي اسمگلنگ، ذخيرا اندوزي، ۽ ناجائز منافعي خوري خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جي منظوري ڇڏي ڇڏي آهي.لاهور ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ جي اطلاعن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اسمگلنگ جي تدارڪ لاءِ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائي ورتو آهي.شهباز شريف چيو ته اجلاس ۾ کنڊ سميت ٻين شين جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير ڪارروائي جي حڪمت عملي تيار ٿيندي.ان کانسواءِ وزيراعظم، اسمگلنگ، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي ۾ملوث ڪردارن خلاف سخت ڪارروائي ۽ سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم چيو ته عوام کي اسمگلرن، ناجائز منافعي خورن، ۽ ذخيرو ڪندڙن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، عوام کي ستائڻ وارن کان حساب ورتو ويندو.شهباز شريف، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي صوبي ۾ کنڊ جي قيمت ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ نگراني جي هدايت ڪئي آهي.