سکر: ڪسٽم انٽيليجنس سکر جي عملدارن پاران ڳجهي اطلاع تي نيشنل هاءِ وي پيالا هوٽل وٽ هڪ ٽرڪ تي ڇاپو هڻي

سکر: ڪسٽم انٽيليجنس سکر جي عملدارن پاران ڳجهي اطلاع تي نيشنل هاءِ وي پيالا هوٽل وٽ هڪ ٽرڪ تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ نشيدار سوپاريون، گٽڪو ۽ نان ڪسٽم سگريٽ توڙي ٻيون شيون هٿ ڪري ورتيون، ڏيتي ليتي بعد ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ٽرڪ منزل طرف رواني ٿي وئي،تفصيل موجب، ڪسٽم انٽيليجنس عملدارن پاران ڳجهي اطلاع ملڻ بعد قومي شاهراهه روهڙي بائي پاس پيالا هوٽل وٽ هڪ ٽرڪ تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ رجني، پان پراگ، گٽڪو ۽ انڊين سوپارين سميت نشي آور شيون ۽ نان ڪسٽم سگريٽ توڙي ٻيون شيون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته بااثر ماڻهن جي وچ ۾ اچڻ بعد انٽيليجنس سکر جي معزز عملدارن ٻن ڪلاڪن بعد ڏوڪڙن عيوض سامان سوڌي ٽرڪ کي منزل طرف روانو ڪري ڇڏيو آهي، ڪسٽم انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن جي رشوت خوري سبب سکر سميت پوري سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ايراني تيل ۽ دڪانن تي نان ڪسٽم اليڪٽرانڪس سامان سرعام وڪامي رھيو آھي جنھن سبب ملڪي خزاني کي نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙ سرمائيدار طبقي، واپارين ۽ سرڪاري عملدارن کي فائدو پئجي رهيو آهي،