سکر: پيپلز پارٽي جي سينيئر ورڪر زاهد شاھ بخاري۔ پ پ ورڪر شبانه ۽ پروين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پي ٽي آئي سکر سان تعلق رکندڙ صوبائي عهديدار پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زاداري ۔آصف علي زرداري ۽ ٻي پ پ قيادت خلاف ميڊيا تي جيڪي الزام ۽ بد اخلاقي وارا جملا چيا آھن انهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پي ٽي آئي وارن کان سوال ڪيو آھي ته پنهنجي حڪومتي دور ساڍي چئن سالن ۾ عوام کي ڇا ڏنو عمران خان عوام کي پنجاھ لک نوڪريون ۽ هڪ ڪروڙ گهر ٺاهڻ جا جيڪي اعلان ڪيا هئا اهي ڪاڏي ويا چئن سالن ۾ نه نوڪريون ڏنيون ۽ نه ئي گهر ڏنا پر پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ لکين نوڪريون ۽ لکين بي گهر ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏنا جهنجو ثبوت سکر جي ليبر ڪالوني آھي جتي اڄ به سوين خاندان رهن ٿا ۔پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آھي جنهن جي قائدين ملڪ ۔جمهوريت ۔قانون ۽ آئين جي بالا دستي لاء جانيون به قربان ڪيون جڏهن ته عمران خان ۽ ان جا ساٿي صرف عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواء ڪجھ به ناهي ڏنو جلسن جلوسن ۾ بي حيائي پيکيڙي ملڪ جو نالو بدنام ڪيو موجودا مهانگائي جو ذميوار به عمران خان آھي جنهن جي نااهلي ۽ نالائقي سبب عوام مهانگائي جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آھي ۔پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خوشحالي لاڻ ڪم ڪيو آھي ۔ڪري پئي ۽ڪندي رهندي۔