هزار مهينن کان بهتر رات: سڄي ملڪ ۾ اڄ شب قدر عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

لاهور: سڄي ملڪ ۾ اڄ ليلته القدر جي رات مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ليلته القدر رمضان المبارڪ جي آخري عشري جي راتين مان هڪ برڪتن واري رات آهي جنهن کي شب قدر ۽ برڪتن واري رات جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي.شب قدر جي موقعي تي اڄ ختم قرآن جي محفلن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، مسجدن کي رنگي برنگي بتين سان سجايو ويو آهي. عورتون گهرن ۾، مرد مسجدن ۾ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا. نماز تراويح ۾ قرآن پڙهندڙن حافظن کي انعامن سان نوازيو ويندو. مٺايون ورهايون وينديون، مسجدن ۾ عبادت ڪندڙن لاءِ سحري جا به انتظام ڪيا ويا آهن.لکين مسلمان اڄ رات رب پاڪ آڏو سجدو ڪري نفل ادا ڪرڻ سان گڏ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ٻين عبادتن ۾ مصروف رهندا ۽ الله رب العزت کان پنهنجن گناهن جي معافي سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعائون گهرندا آهن.