پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي هڪ دفعو ٻيهر اينٽي ڪرپشن طلب ڪري ورتو

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي هڪ دفعو ٻيهر اينٽي ڪرپشن طلب ڪري ورتو آهي.اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي 19 اپريل تي صبح 10 وڳي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ کيس 10 اپريل تي طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿي.زرتاج گل تي الزام آهي ته هن پنهنجي تڪ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي مختلف منصوبن جا ٺيڪا پنهنجن فرنٽ مينن کي ڏنا ۽ مارڪيٽ کان گهٽ ريٽ تي ڏنا. هن ۽ سندس مڙس همايون رضا آخوند پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي انهن منصوبن کي ريوائيز ڪرايو ۽ انهن جي لاڳت ٻيڻي ڪرائي وئي. ٻنهي منصوبن کي ريوائيز ڪرائي سرڪاري خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو.زرتاج گل پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي منصوبن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪرايو جنهن سبب ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي گهٽيون ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي يون. زرتاج گل سمورن منصوبن جا ٺيڪا پنهنجن فرنٽ مينن کي ڏئي ڳري رشوت وصول ڪئي. منظور ٿيل منصوبن جي پلان ۾ پاڻمرادو تبديلي ڪري پنهنجي گهر ۽ سيڪريٽريٽ جي روڊ کي پڪي روڊ سان جوڙيو ويو.اينٽي ڪرپشن پنجاب زرتاج گل، سندس مڙس همايون رضا آخوند، ايڪسيئين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊي جي خان، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊي جي خان، سب انجنيئر لاڳاپيل اسڪيمز پبلڪ هيلٿ ڊي جي خان کي 19 اپريل تي صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.