ملڪ ۾ سون جو اگهه سوين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جو في تولو سوين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ سون في تولو 1100 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 17 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 943 رپيا واڌ بعد هڪ لک 86 هزار 128 رپيا آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون پنج ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2008 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.