سکر:ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن کي 18اپريل تي به پگهارون نه مليون جيڪڏهن عيد کان اڳ پگهارون نه مليون ته عيد ڏهاڙي سمورا ملازم صوبائي وزير بلديات جي گهر

سکر:ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن کي 18اپريل تي به پگهارون نه مليون جيڪڏهن عيد کان اڳ پگهارون نه مليون ته عيد ڏهاڙي سمورا ملازم صوبائي وزير بلديات جي گهر ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو عبدامجيد جسڪاڻي ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل ايمپلائيز ليبر يونين سي بي اي جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي جي صدارات هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اظهار ڪندي ڪيو اجلاس ۾ طارق حسين سولنگي۔مشاهد پلھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا عبدالمجيد جسڪاڻي وڌيڪ چيو ته عيد مٿان اچڻ واري آهي اڄ ستاويهون روزو آھي پر ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن کي پگهارناهي ڏني وئي جنهن سبب ٻچڙن جي عيد خريداري نه ٿي سگهي آھي جيڪڏهن عيد کان اڳ پگهار ادا نه ڪئي وئي ته ٻي صورت ۾ عيد ڏهاڙي ضلعي ڪائونسل جا سوين ملازم صوبائي وزير بلديات جي گهر ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔