سکر : موجودا وفاقي حڪومت پاران چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ سميت سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ واري

سکر : موجودا وفاقي حڪومت پاران چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ سميت سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ واري معاملي جي حوالي سان ضلعي بار ايسوسي ايشن سکر جي وڪيلن پاران وڪيل اڳواڻ سردار قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بار ڪائونسل ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت عدليه تي حملو ڪيو آهي، اسان عدليه تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. موجودا وفاقي حڪومت پاران آئين کي غيرقانوني طور تي سبوتاژ ٿيڻ نه ڏينداسين، سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي پابندي جي مذمت ڪيون ٿا۔وڪيل برادري اڳ به عدليا جي آزادي لاء تحريڪ هلائي هئي ۽ هاڻي به عدليا تي وار کي  برداشت نه ڪيو ويندو۔