گيمڙو ٿاڻي جي پنجو ميل پڪٽ تي ھٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني 2 پوليس اھلڪار علي گوھر دايو ۽ ڪشور ڪمار شھيد ٿي ويا آھن جڏھن تہ پوليس اھلڪار عزيز ميراڻي زخمي ٿي پيو آھي، شھيد پوليس اھلڪار علي گوھر دايو جو تعلق پني عاقل سان ۽ ڪشور ڪمار جو تعلق لاڙڪاڻي سان ٻڌايو پيو وڃيپوليس اھلڪارن جا لاش تعلقي اسپتال گھوٽڪي آندا ويا آھن جڏھن تہ زخمي پوليس اھلڪار کي گھوٽڪي تعلقہ اسپتال ۾ طبعي امداد ڏني پئي وڃي