گهوٽڪي: ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، هڪ زخمي

گهوٽڪي: ويجهو گيمڙو ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي جديد هٿيارن سان حملو فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب گيمڙو ٿاڻي جي چوڪي پنج ميل تي رات جي اونداهي ۾ ڌاڙيلن جي هڪ گروپ پاران حملو ڪيو ويو، فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار علي گوهر دايو ۽ اشوڪ ڪمار شهيد ٿي ويا. جڏهن ته هڪ اهلڪار عزيز ميراڻي زخمي ٿي پيو. شهيد اهلڪارن جي مڙھ ۽ زخمي کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري ڪچي طرف طلب ڪئي وئي آهي.ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن جاري آهي اسان جا حوصلا بلند آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڌاڙيلن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو جنهن سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.زخمي اهلڪار صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او نواب چاچڙ هڪ وڳي هوشيار رهڻ جو چيو هو اسان سڄي رات گشت به ڪندا رهياسين پر اوچتو حملو ڪيو ويو. ڊي آءِ جي سکر شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته حملو جاگيراڻي گروپ طرفان حملو ڪيو ويو آهي ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مقابلي ۾ جاگيراڻي گروپ جا 2 ڌاڙيل مارجي ويا هئا.