ڪنڊيارو: پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري اغوا بعد قتل، ٿڃ پياڪ ٻارڙو زخمي

ڪنڊيارو: ڀرسان ڳوٺ تڳر ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري امتياز خاتون ملاح ھٿياربندن هٿان اغوا مبينا طور گوليون هنڻي قتل ڪري لاش جهنگ ۾ اڇلائي هٿياربند فرار قتل ڪيل پريماڪا جو 15 ڏينهن اڳ ڄاول ٿڃ پياڪ ٻالڪ زخمي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل.ٺاروشاھ ڀرسان نيو تڳر ڳوٺ ۾ پريمي ديدار ملاح جي گهر تي هٿياربندن حملو ڪري 14 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ پريمڪا امتياز خاتون ملاح کي اغوا ڪري ويا پريمي ديدار ملاح ٻڌايو ته مان رات درياء مان مڇي مارڻ لاء ويو هئس تي گهر تي منهنجي زال جي ڀائرن ۽ چاچن نئو ديرو واسي راڻو ملاح احمد ملاح ۽ اٺن کان وڌيڪ هٿياربند منهنجي زال کي اغوا ڪري ويا ڳوٺ کان ٽي ڪلو ميٽر پري ڪچي ۾ کيس گوليون هنڻي قتل ڪري لاش اڇلائي فرار ٿي ويا.هن چيو ته اسان 14 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هيو جنهن تان ناري جا ڀائر ۽ چاچا اسانکي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا جن اڄ منهنجي زال کي قتل ڪيو آھي هن چيو ته 15 ڏينهن اڳ ڄاول منهنجو پٽڙو پڻ زخمي ٿي پيو آھي ٻئي پاسي تڳر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء اسپتال کڻائي اچي رهي آھي.