لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن جي ٽڪيٽن لاءِ اميدوارن جي فارم فيس مقرر ڪري ڇڏي. ايم اين اي جو فارم 2 لک روپيه جڏهن ته ايم پي اي کي هڪ لک روپين جي عيوض فارم ملندو. اليڪشن هيڊ سيل سنڌ فردوس شميم نقوي اهڙي فيصلي جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو هڪ نئون ڪارنامو سامهون اچي ويو، عام چونڊن لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽن جي لاءِ فارم جي به فيس ڏيڻي پوندي.پاڪستان تحريڪ انصاف ايم اين ايز جي فارم لاءِ 2 لک روپيه جڏهن ته ايم پي اي جي فارم لاءِ هڪ لک روپيه فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ جي اليڪشن هيڊ سيل سنڌ فردوس شميم نقوي پارٽي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. فردوس شميم نقوي ان حوالي سان چيو آهي ته وڌيڪ فيس سان غريب پارٽي ڪارڪنن جي حوصله شڪني ٿيندي.