ملڪ: ۾ سون جو اگهه ڪٿي پهتو؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ اهو 2 لک 17 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 471 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 85 هزار 914 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 31 ڊالر سستو ٿيڻ سان 1974 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.