واشنگٽن: واٽس ايپ ۾ ايموجيز، جي آءِ ايفس، اسٽيڪرز ۽ ري ايڪشنز جهڙا فيچر ته اڳ ئي موجود آهن، وقت به وقت ايپ ۾ نون ايموجيز جو واڌارو ٿيندو رهندو هو، جڏهن ته واهپيدار پاڻ به ايموجي اسٽيڪرز تيار ڪري سگهن ٿا.پر هاڻي ميسجنگ ايپ ۾ انيميٽڊ ايموجيز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.واٽس ايپ بيٽا انگو جي رپورٽ موجب اِهو فيچر ڊيسڪ ٽاپ جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انيميٽڊ ايموجيز جي تياري لاءِ Lottie نالي فائيل جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو موبائيل ڊيوائسز لاءِ بهترين سمجهيو وڃي ٿو.ان فائيل فارميٽ ذريعي سستي فونن ۾ به اِهو فيچر استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو، هي فيچر فلحال بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، انڪري عام واهپيدارن کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.فلحال اِها خبر نه آهي ته ڊيسڪ ٽاپ کان هٽي ڪري فونز ۾ اِهو فيچر ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته اهڙي قسم جو فيچر واٽس ايپ جي مخالف ايپ ٽيليگرام ۾ وڏي عرصي کان موجود آهي.