خيبرپختونخواهه ۾ عيد جي چنڊ بابت موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

پشاور: موسميات کاتي پشاور سميت خيبرپختونخواهه ۾ اڄ موسم جهڙالو رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ موسم جهڙالو رهڻ سبب شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان نه آهي. عيدالفطر(شوال) جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو.زونل هلال ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ مقرر ڪيل هنڌن تي ٿيندا. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت جي آفيس ۾ ٿيندو. اڄ سڄي ملڪ ۾ عيد جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. چنڊ نظر نه اچڻ جي صورت ۾ عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندي.