سکر : ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر طاهر پاران نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي ڏنل امدادي رقم جا چيڪ ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن ۾ ورهايا.ڊويزنل انفارميشن آفيس سکر پاران جار ڪيل پڌرائي موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي هال ۾ چيڪ ورهايا ويا. ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن ۾ 10 لک رپيا في ماڻهو جي حساب سان چيڪ ورهايا ويا.