سعودي عرب ۾ عيدالفطر سڀاڻي ملهائي ويندي

رياض: سعودي عرب ۾ عيدالفطر جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب اتي سڀاڻي عيد ملهائي ويندي.سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ طرفان چنڊ ڏسڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽين طرفان شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيا.فيلڊ ۾ موجود ماهرن شاهدين جي بنياد تي چنڊ نظر اچڻ جي تصديق ڪئي.