ڄامشورو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، وائيس چانسلر سميت لاڳاپيل عملدارن کي عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، گذريل سال سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن طرفان قانوني گهرجون پوريون ھجڻ باوجود وقت سر پروموشن نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو سميت سنڌ حڪومت کي ڌر بڻائيندي اضافي چارجن تي مقرر 21 گريڊ جي ٻن پروفيسرن ڊاڪٽر سراج ڪانڌڙو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي کي پارٽي بنائيندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ ھڪ قانوني پٽيشن نمبر 1858/2022 داخل ڪرائي هئي، جنهن بابت عدالت سڳوريءَ ڊسمبر 2022 تي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه کي حڪم نامون ڏنو ويو هو ته ھڪڙي مھيني اندر آفيسرن جي پروموشن جي معاملي کي حل ڪيو وڃي.پر موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو، جنھنڪري پٽيشنر غلام نبي ڪاڪا پاڻ عدالت سڳوريءَ کي ان بابت آگاهي ڏني ۽ عدالت کي درخواست ڪئي ته موجوده انتظاميه عدالتي حڪمن جي تعميل نه ٿي ڪري براءِ مهرباني انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت سڳوريءَ کي وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته موجوده انتظاميه کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي پرنسپل بئنچ کان علاوه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن مطابق ايڊيشنل چارج رکندڙ توڙي او پي ايس تي مقرر پي ايڇ ڊي استادن ۽ آفيسرن کي فوري طور انتظامي عھدن تان ھٽايو وڃي ۽ واڌو چارج رکندڙ آفيسرن کي ھٽائي قانون مطابق پروموشن ۽ انتظامي عهدن تي ميرٽ مطابق مقرريون ڪيون وڃن پر اھڙن واضح عدالتي حڪمن باوجود سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ۽ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو پاڻ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي ٻن ٻن عھدن تي غير قانوني طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنھنجن ٻين من پسند آفيسرن توڙي پي ايڇ ڊي استادن کي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي انتظامي عهدن تي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي مقرر ڪيو ويو آهي. جنھنڪري قانون جي ڀڃڪڙي توڙي اقرباپروري خلاف سنڌ حڪومت کي پڻ اپيلون ڪيون ويون آهن پر افسوس قانون جي لتاڙ ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي.تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت سڳوريءَ سنڌ يونيورسٽيء جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو سميت عدالتي حڪمن جي خلاف انتظامي عهدن تي مقرر ٿيل مڙني ذميوارن کي 15 آگسٽ 2023 تي عدالت سڳوريءَ ۾ پاڻ روبرو پيش ٿي پنھجا جواب داخل ڪرائڻ بابت حڪم نامون جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته موجوده رجسٽرار غلام محمد ڀٽو گريڊ 1 ۾ بطور سيڪيورٽي گارڊ مقرر ٿيو ھو جيڪو وقت جي انتظاميه کان غير قانوني فائدا حاصل ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي قائدن ابتڙ پنھنجو پاڻ کي گريڊ 20 ۾ مقرر ڪرايو، جڏهن پاڻ خود وقتي رجسٽرار ھو ان سان گڏوگڏ سليڪشن بورڊ ، سينڊيڪيٽ جي سيڪريٽري ھئڻ کان علاوه پاڻ اڪيلو ئي اميدوار ھو، ھن جي اھا مقرري سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ چئلينج پڻ ٿيل آهي ان سان گڏوگڏ ھن جي اھا مقرري سنڌ يونيورسٽي جي قائدن ۽ قانونن جي لتاڙ سميت ٻين سينيئر آفيسرن جي حق تلفي پڻ آهي. درخواست گذار غلام نبي ڪاڪا جيڪو گذريل ڏهن سالن کان گريڊ 19 ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي پر ھن سميت ٻين سينيئر آفيسرن ۽ انجنيئرن کي جائز پروموشن ڏيڻ کان ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندڙ وزير اعلي’ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ يونيورسٽي اندر ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين جو نوٽيس وٺي سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن جا جائز مسئلا قانون مطابق حل ڪرائي.