گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي

رياض: گڏيل عرب امارات سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، دنيا جا سڀ کان وڏا عيد نماز جا اجتماع مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ منعقد ڪيا ويا، جتي لکين مسلمانن عيد جي نماز ادا ڪئي.سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت پاران عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 20 هزار 700 مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ انتظام ڪيا ويا.خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز دنيا جي سمورن مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ته عيد جو ڏهاڙو خطي ۾امن، سڪون ۽ اطمينان جي خوشخبري کڻي آيو آهي.